ملڪ ۾ توانائي بحران جو خدشو: پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦيرڦار جو فيصلو، آفيس موڪلن جو انگ وڌائڻ تي غور

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت آبنائي هرمز جي بندش ۽ امڪاني توانائي بحران کي نظر ۾ رکندي ۾ درآمدي پيٽروليم شين ۽ آر ايل اين جي جي طلب گهٽائڻ لاءِ مرحليوار توانائي بچت جي منصوبي ۽ اگهن جي نئين طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، منصوبي تحت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هر هفتي ڦيرڦار ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، سرڪاري اجلاس ورچوئل طريقي سان منعقد ڪيا ويندا ۽ پهرئين مرحلي ۾ ڪووڊ 19 وبا دوران اختيار ڪيل طريقيڪار واري طرز تي موڪلن جو انگ وڌايو ويندو.
حڪومت ان حوالي سان پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين مرحلي تي ٻڌل حڪمت عملي تيار ڪئي آهي ۽ لڳ ڀڳ ٽي کان چار درجن تجويزون ترتيب ڏنيون ويون آهن، جيڪي اڄ جمعي تي وزيراعظم شهباز شريف آڏو حتمي منظوري لاءِ پيش ڪيون وينديون، منظور ٿيل قدمن تي فوري طور عملدرآمد شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.