ٽڪ ٽاڪ اعلان ڪيو آهي ته وڊيو شيئرنگ ايپ جي ڊائريڪٽ ميسيجز(ڊي ايم) فيچر ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو تحفظ فراهم نه ڪيو ويندو.
هڪ رپورٽ، موجب ٽڪ ٽاڪ اهو فيصلو ان ڪري ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته ڪمپني جو خيال آهي ته ان سان واهپيدار گهٽ محفوظ ٿي سگهن ٿا.
لنڊن ۾ سيڪيورٽي بابت هڪ بريفنگ دوران ٽڪ ٽاڪ طرفان ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي ته ڪمپني جون سيفٽي ٽيمون يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ضرورت پوڻ تي ميسيج پڙهي نه سگهندا.
ڪمپني جو چوڻ هو ته انهيءَ ڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن وارو فيچر ڊائريڪٽ ميسيجز جو حصو نه بڻايو وڃي، جنهن جو بنيادي مقصد پليٽفارم تي گهٽ عمر وارن واهپيدارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.
اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن ۾ پيغام رڳو موڪلڻ وارو ۽ وصول ڪندڙ ئي پڙهي سگهي ٿو.
ٽڪ ٽاڪ موجب ان جي ايپ ۾ موڪليل ميسيجن کي روايتي انڪرپشن جو تحفظ حاصل آهي ۽ رڳو لاڳاپيل عملدار ئي انهن تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهڙي پهچ رڳو ان وقت ڏني ويندي آهي جڏهن انتظاميا طرفان درخواست ڪئي وڃي يا واهپيدار طرفان نقصانڪار روين کي رپورٽ ڪيو ويندو.