اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ڪا کوٽ ناهي ۽ هن وقت 28 ڏينهن جو ذخيرو موجود آهي، جڏهن ته ايل پي جي به وڌيڪ 15 ڏينهن لاءِ دستياب آهي، قطر کان ايل اين جي جي درآمد عارضي طور بند ٿي وئي آهي، پر مقامي گئس وسيلي طلب پوري ڪئي ويندي، قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ ناڻي واري وزارت جا عملدار پڻ موجود هئا، ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم پيٽروليم شين جي نگراني لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جيڪا روزاني بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، اهم فيصلا فوري طور ڪيا ويندا، جڏهن ته مارچ جي آخر تائين پيٽروليم جو ڪافي ذخيرو موجود آهي، پيٽروليم شين جي فراهمي کي منظم ڪيو ويندو ۽ توانائي بچائڻ لاءِ به قدم کنيا ويندا، ٻئي پاسي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي امڪاني کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، جنهن تي آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين طرفان ڪوٽا سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب پيٽرول پمپن کي گهربل مقدار ۾ تيل فراهم نه پيو ڪيو وڃي، خط ۾ چيو ويو آهي ته آرڊر ڏيڻ باوجود آئل جي فراهمي دير جو شڪار آهي ۽ آئل ٽينڪر ڪلاڪن تائين انتظار ڪرڻ تي مجبور آهن.