بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز: فخر زمان کي پاڪستاني اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ جو ڪارڻ سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني جي جارحاڻي اوپننگ بيٽر فخر زمان فٽنيس مسئلن سبب بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف جارحاڻي اننگز کيڏندڙ فخر زمان هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ويو، جنهن سبب هو بنگلاديش دوري کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
فخر زمان فٽنيس حاصل ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي (اين سي اي) ۾ ري هيب ڪندو.
واضح رهي ته هلندڙ مهيني پاڪستان ٽيم بنگلاديش جو دورو ڪندي، جنهن دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين ميچن تي سيريز کيڏي ويندي. ۔
پاڪستان ون ڊي ٽيم 9 مارچ تي بنگلاديش جي شهر ڍاڪا پهچندي ۽ 10 مارچ تي پريڪٽس سيشن ۾ حصو وٺندي، جنهن کانپوءِ پهرين ون ڊي ميچ 11 مارچ، ٻي 13 مارچ ۽ ٽِين ۽ آخري ون ڊي 15 مارچ تي کيڏي ويندي، هڙئي ميچون شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ شيڊيول آهن.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ” امڪان آهي ته خطي جي موجودا ڇڪتاڻ واري صورتحال پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بنگلاديش دوري تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي.“
ذريعن موجب، موجوده صورتحال سبب جيڪڏهن سفري خطرا ۽ خدشا نه وڌيا ته دورو شيڊيول مطابق ئي رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.