جيئن جيئن هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ) تي ٻڌل ويب برائوزرن وچ ۾ مقابلو وڌي رهيو آهي، تيئن گوگل پنهنجي برائوزر ” گوگل ڪروم“ جي حڪمراني برقرار رکڻ لاءِ نوان قدم کڻي رهيو آهي.
اوپن اَي آءِ، پرپليڪسٽي ۽ ۽ ٻين ڪمپنين جي اي آءِ برائوزرن کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ گوگل اعلان ڪيو آهي ته ڪروم ۾ نئين اپڊيٽس واري عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو پيو وڃي.
گوگل هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪروم جو نئون ورزن هاڻي هر ٻن هفتن اندر جاري ڪيو ويندو، جنهن جي شروعات سيپٽمبر 2026ع کان ٿيندي.
هن وقت گوگل طرفان ڪروم جو نئون ورزن هر 4 هفتن جي وقفي سان جاري ڪيو ويندو آهي.
گوگل ڪروم جي هر نئين ورزن ۾ ويب برائوزر جي مضبوطي، رفتار ۽ استعمال ۾ سولائي جهڙن رخن تي ڌيان ڏنو ويندو آهي.
گوگل موجب، نئين شيڊيول سان ويب پليٽفارم ۾ ٿيندڙ ڦيرڦار جي بهتر عڪاسي ٿيندي ۽ واهپيدارن کي نون ٽولز ۽ فيچرز تائين تيز پهچ ملندي.
واضح رهي ته هي قدم اهڙي وقت کنيو ويو آهي جڏهن گوگل ڪروم کي اوپن اي آءِ جي ويب برائوزر چيٽ جِي پِي ٽِي اٽلس سان حقيقي مقابلي کي منهن ڏئي رهيو آهي.
اي آءِ برائوزرن ۾ مختلف اي آءِ ايجنٽس واهپيدارن طرفان مختلف ٽاسڪس پاڻمرادو سرانجام ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.