اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي امڪاني کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، جنهن تي آل پاڪستان پيٽرول پمپ ۽ اونرز ايسوسيئيشن طرفان وزيراعظم کي خط لکيو ويو آهي.
خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين طرفان ڪوٽا سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب پيٽرول پمپن کي گهربل مقدار ۾ تيل فراهم نه پيو ڪيو وڃي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته آرڊر ڏيڻ باوجود تيل فراهمي دير جو شڪار آهي ۽ ٽينڪر انتظار تي مجبور آهن، ان صورتحال سبب هٿرادو کوٽ پيدا ٿيڻ سان عوام ۾ خوف ۽ هراس پکڙجڻ جو خدشو آهي.
ايسوسيئيشن حڪومت کان فوري طور مداخلت جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آئل ڪمپنين کي ڪنهن به قسم جون پابنديون لاڳو ڪرڻ کان اڳ مشاورت جو پابند بڻايو وڃي.
You might also like