اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ايم ايس ڌوني ڏچي ۾ پئجي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهيندر سنگهه (ايم ايس) ڌوني تي ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ڀارتي رياست جهارکنڊ جي شهر رانچي ۾ ايم ايس ڌوني کي ٽريفڪ مانيٽرنگ سسٽم تحت لڳايل ڪئميرائن ذريعي مانيٽر ڪيو ويو، جتي کيس آبادي ويجهو تيز رفتاري سان گاڏي هلائيندي ڏٺو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اڳوڻي ڪرڪيٽر کي موٽر وهيڪل ايڪٽ تحت هڪ هزار ڀارتي رپين جو اي-چالان جاري ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ڄاڻايو ويو آهي ته ان کان اڳ ڌوني کي جهارکنڊ اسٽيٽ هائوسنگ بورڊ طرفان رانچي ۾ رهائشي پلاٽ جي مبينا طور غلط استعمال تي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته رهائشي پراپرٽي واپاري سرگرمين لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.