سرفراز احمد کي پاڪستان ٽيم جو هيد ڪوچ بڻائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي) جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد جي مقرري جو باضابطا اعلان جلد ڪيو ويندو، هو پاڪستان جي بنگلاديش سان ٽيسٽ سيريز دوران ذميواريون سنڀاليندو .
واضح رهي ته پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪوچ جو عهدو خالي هو، جڏهن ته اظهر محمود ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ۾ عبوري هيڊ ڪوچ طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو.
پاڪستان ٽيم مئي ۾ بنگلاديش خلاف 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي، هي ٽيسٽ سيريز ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2027 جو حصو آهي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 8 مئي ۽ ٻي ٽيسٽ ميچ 16 مئي کان شروع ٿيندي.
سرفراز احمد کي پاڪستان انڊر 19 ٽيم جو مئنٽور مقرر ڪيو ويو هو، جن جي اڳواڻي ۾ ٽيم ايشيا ڪپ کٽيو هو، جڏهن ته تازي انڊر 19 ورلڊڪپ لاءِ به هن مئنٽور جون ذميواريون نڀايون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.