ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جو پهريون سيمي فائنل سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو.
ڪولڪتا جي تاريخي ايڊن گارڊنز ۾ شيڊيول پهريون سيمي فائنل سڀاڻي پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندو.
ميگا ايونٽ جي اهم مقابلي لاءِ ٻنهي ٽيمن پنهنجي، پنهنجي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.
واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل گروپ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا نيوزيلينڊ کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.