ايران سعودي سان پاڪستان جي دفاعي معاهدي سبب گهٽ حملا ڪيا آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايران ۽ نار ملڪن جي فضائي حدن جي بندش سبب پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جا مسافر ڦاٿل آهن ۽ ايران ۾ هن وقت تائين 33 هزار پاڪستاني موجود آهن.
ميڊيا بريفنگ ۾ اسحاق ڊار ٻڌايو ته ابوظبي ۾ ميزائل ڪِرڻ سبب هڪ پاڪستاني شهيد ٿيو، جڏهن ته عراق ۾ 40 هزار پاڪستاني موجود آهن، جن ۾ وڏو انگ پانڌيئڙن جو آهي.
هن چيو ته قطر ۾ اٽڪل 3.5 لک پاڪستاني موجود آهن، جڏهن ته وزٽ ويزا تي 1450 ماڻهو آيل آهن. ايران ۾ 33 هزار پاڪستاني موجود آهن، 300 جي لڳ ڀڳ ايراني شهري پڻ پاڪستان آيا آهن، 792 پاڪستاني ايران مان واپس اچي چڪا آهن ۽ 64 پاڪستاني ايران مان آذربائيجان پهچي چڪا آهن.
هن چيو ته ايران ۽ نار وارن ملڪن جا فضائي رستا بند آهن، پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جا مسافر ڦاٿل آهن، نار ملڪن جا زميني رستا کليل آهن، پر عمان ۽ سعودي عرب کانسواءِ هڙئي هوائي لنگهه بند آهن.
سندس چوڻ هو ته زميني رستا کليل هئڻ باوجود سفر ۾ گهڻو وقت لڳي ٿو، پاڪستاني مسافرن جي نيڪالي ۾ آذربائيجان حڪومت جي مدد تي ٿورائتا آهيون، باڪو مان فلائيٽ آپريشن جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته سعودي عرب ۾ 25 لک پاڪستاني موجود آهن ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدو موجود آهي، نتيجو سڀني جي سامهون آهي ته ايران سڀ کان گهٽ حملا سعودي عرب ۽ عمان ۾ ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.