وچ اوڀر ۾ جنگ واري صورتحال، وزيراعظم پارلياماني قيادت جو اجلاس سڏائي ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف عالمي صورتحال تي پارلياماني قيادت جو اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو آهي.
وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله موجب پارلياماني ليڊرز جو ان ڪئميرا اجلاس ۾ محمود خان اچڪزي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر کي به دعوت ڏني وئي آهي.
سينيٽر راڻا ثناءُ الله ٻڌايو ته وزيراعظم سڀاڻي صبح ساڍي يارهين وڳي رٿيل اجلاس ۾ سمورن پارٽين جي سربراهن ۽ پارلياماني قيادت کي دعوت ڏني آهي.
هن وڌيڪ چيو ته خطي جي موجوده صورتحال ۽ ايران تي ٿيل حملن بابت آگاهي لاءِ سڀني کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
سينيٽر جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي هدايتن موجب اپوزيشن قيادت ۽ پارٽي سربراهن کي اجلاس ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي چيو ويو آهي ته ذاتي ۽ جماعتي سياست کان هٽي ڪري مشورن ۾ حصو وٺن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.