رياض (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جاري جنگ کي نظر ۾ رکندي پاڪستاني سفارتخاني سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني شهري لاءِ اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
سفارتخاني طرفان سعودي عرب ۾ موجود پاڪستاني شهري کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سعودي حڪومت طرفان جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪن ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙو ڪو مواد شيئر ڪرڻ کان پاسو جيڪو ملڪي قانونن جي خلاف هجي.
رياض ۾ پاڪستاني سفارت خاني پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سفارتخانو پاڪستاني شهرين جي مدد لاءِ 24 ڪلاڪ فعال آهي ۽ ان مقصد لاءِ ٽيمون هوائي اڏي ۽ سفارتخاني ٻنهي هنڌن تي مقرر آهن ته جيئن ڦاٿل پاڪستانين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري سگهجي .
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ پاڪستاني شهري رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني يا جدا ۾ قونصليٽ سان هيٺين نمبرن تي رابطو ڪري سگهن ٿا.
پاڪستاني سفارت خانو، رياض
لينڊ لائين: +9660114887272، +9660114884111، +9660114884222
موبائل: +966576284980، +966560505030
پاڪستاني قونصليٽ جنرل، جدا
لينڊ لائين: +966126689149، +966126692371
موبائل: +966590008295، +966536617573
وچ اوڀر ۾ جنگ واري صورتحال: سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين لاءِ اهم هدايتون جاري
You might also like