ڪراچي ۾آمريڪي قونصل خاني تي حملي جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني تي حملي جو ڪيس سنڌ حڪومت جي فرياد ۾ اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر موجب، آچر ڏينهن آمريڪي قونصل خاني ٻاهران احتجاج دوران فائرنگ ۽ وڳوڙن سبب گهٽ ۾ گهٽ 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 31 زخمي ٿي پيا هئا.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واقعو 1 مارچ 2026 جي صبح تقريباً ڏهين وڳي پيش آيو.
ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ مائي ڪلاچي روڊ تي قونصل خاني جي گيٽ نمبر چار جي ويجهو 150 کان 200 مڇريل ماڻهو گڏ ٿيا، جيڪي مبينا طور ايراني سپريم ليڊر جي موت (شهادت) خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا.
ايف آءِ آر موجب، احتجاج ڪندڙن وٽ ڏنڊا، لٺيون ۽ هٿيار هئا ۽ نعريبازي ڪري رهيا هئا.
ايف آءِ آر جي متن موجب، مظاهرين ۾ شامل ڪجهه شرپسند عنصرن اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ قونصل خاني جي عمارت کي نقصان پهچائڻ ۽ ڀت ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران فائرنگ ۽ ڀاڄ سبب ڪيئي زخمي ٿيا.
ايف آءِ آر موجب، اطلاع ملڻ تي ڊاڪس ٿاڻي جو ايس ايڇ او نند لال نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال کي قابو ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
پوليس موجب اسپتال مان ملندڙ اطلاعن موجب واقعي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ گهڻي ڀاڱي نوجوان شامل هئا، جڏهن ته 31 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن جو علاج جاري آهي.
مارجي ويلن ۾ ساجد علي، خاور عباس، محمد عديل عباس، محمد علي، ڪاظم حسين زيدي، عديل عباس، عاصم عباس، مبارڪ شاهه، محمد عباس، محمد شاهه ۽ عامر شامل آهن.
پوليس موجب، مڪمل تصديق ۽ ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ جو عمل جاري آهي.
ڪيس قلم 147، 148، 149، 324، 302، 427، 395، 353، 186 ۽ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ قلم 7 تحت داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، مڇريل ماڻهو فرار ٿيندي هڪ سرڪاري سب مشين گن ۽ ميگزين پڻ کڻي ويا.
اختيارين موجب، واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا پيا وڃن ته جيئن ملوث جوابدارن جي نشاندهي ڪري کين گرفتار ڪري سگهجي.
ياد رهي ته آمريڪي قونصل خاني ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڳوڙن ۽ فائرنگ سبب 10 ڄڻا مارجي ويا هئا، جڏهن ته اٽڪل 100 زخمي ٿي پيا هئا.
واقعي کانپوءِ علائقي جي ايس ايس پي امجد شيخ کي عهدي تان هٽايو ويو، جڏهن ته ڊي ايس پي ۽ ڊاڪس ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڊاڪس کي به معطل ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.