فضائي حدن جي بندش: پاڪستان مان وچ اوڀر لاءِ ويندڙ سوين اُڏامون رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کان اڄ به يو اي اي، بحرين، ڪويت ۽ قطر سميت وچ اوڀر جي ٻين ملڪن لاءِ 116 اُڏامون رد ٿي ويون آهن.
ذريعن موجب، ڪراچي ايئرپورٽ کان دبئي، ابوظهبي، قطر، شارجا، ڪويت ۽ بحرين لاءِ 32 اُڏامون رد ٿي ويون.
اسلام آباد ايئرپورٽ کان دبئي، ابوظهبي، دوحا، بحرين، ڪويت، شارجا سميت ٻين ايئرپورٽن لاءِ 28 اُڏامون ۽ لاھور ايئرپورٽ کان دبئي، ابوظهبي، قطر، ڪويت، بحرين لاءِ 20 اُڏامون رد ٿي ويون آهن.
ان کانسواءِ پشاور ايئرپورٽ کان دبئي، شارجا، قطر، ابوظهبي لاءِ 16 اُڏامون، ملتان ايئرپورٽ کان دبئي، شارجا، راس الخيمه، بحرين، دوحا ۽ ڪويت لاءِ 10 اُڏامون رد ٿي ويون آهن.
ذريعن موجب، فيصل آباد کان 4 ۽ ڪويئٽا ايئرپورٽ کان وچ اوڀر لاءِ 2 اُڏامون رد ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.