ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور پاڪستاني امپائر عليم ڊار قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن جي اختيارن ۽ عاقب جاويد جي خاموشي تي پي سي بي سيلڪشن ڪميٽي کان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سپر ايٽ مرحلي ۾ بدترين ڪارڪردگي کانپوءِ پاڪستاني ٽيم جي ايونٽ کان ٻاهر ٿيڻ تي قومي سيلڪشن ڪميٽي جي رڪن عليم ڊار استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
ذريعن موجب، سيلڪشن ڪميٽي ۾ مصباح الحق به خاموش آهي ۽ عاقب جاويد ڪوچ مائڪ هيسن جي هر ڳالهه ۾ ها ۾ ها ملائيندو رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عليم ڊار جي شڪايت آهي ته سيلڪٽرز پاڪستان جا بهترين 20 رانديگرن جو اعلان ڪندا آهن، پوءِ ڪتاپن ۽ ڪوچ غلط 15 چونڊيندا آهن ۽ پوءِ پليئنگ اليون به غلط چونڊي ويندي آهي، پوءِ تنقيد جو نشانو سليڪٽر بڻجندا آهن.
ذريعن موجب، عليم ڊار اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ آل رائونڊر شاداب خان جي بنا پرفارمنس اسڪواڊ ۾ شموليت تي خدشا ظاهر ڪيا هئا، پر ڪپتان سلمان علي آغا، جنهن جي عليم ڊار جي نظر ۾ ڪپتان طور اسڪواڊ ۾ جاءِ ئي ناهي، هن ۽ خاص طور تي عاقب جاويد ڪنهن به مزاحمت نه ڏيکاري، جڏهن ته ڪوچ مائڪ هيسن سليڪشن وارن معاملن ۾ پنهنجي مرضي جو مظاهرو ڪيو.
ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته عليم ڊار ورلڊ ڪپ لاءِ وڪيٽ ڪيپر عثمان خان جي جاءِ تي تجربيڪار وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کي نمبر 6 تي کيڏائڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي،
سندس موقف هو ته جيڪڏهن شاداب ۽ بابر بنا ڪنهن ڪارڪردگي جي ٽيم جو حصو ٿي سگهن ٿا ته محمد رضوان کي به هڪ وڌيڪ موقعو ملڻ گهرجي.
عليم ڊار جو چوڻ آهي ته ” الله ڪرڪيٽ ۾ ڏاڍي عزت ڏني آهي، ڪٺ پتلي طور ڪم نٿو ڪرڻ چاهيان، ننهنڪري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.“