اسرائيلي فوج جو تهران ۾ صدارتي آفيس ۽ سلامتي ڪائونسل جي عمارت تي 100 جهازن سان حملو، شهيدن جو انگ 787 ٿي ويو

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي هلالِ احمر سوسائٽي جو چوڻ آهي ته ڇنڇر کان شروع ٿيل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايران ۾ هينئر تائين 787 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته آمريڪا ۾ موجود انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري به هن وقت تائين حملن ۾ 176 ٻارن سميت 742 ڄڻا شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

اسرائيلي فوج ايران ۾ صدارتي آفيس کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۾ صدارتي ۽ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي آفيسن مٿان ڪيترائي بم ڪِيرايا ويا آهن.
ٽيليگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسرائيلي ڊفينس فورسز (آئي ڊي ايف) چيو آهي ته اسرائيلي هوائي فوج ايراني حڪومت جي قيادت واري ڪمپائونڊ تي حملو ڪيو آهي.
بيان موجب،اسرائيلي فوج طرفان ايران ۾ هڪ فوجي تربيتي مرڪز ۽ حڪومت جي ٻين ڍانچن کي به نشانو بڻايو ويو آهي.

اسرائيل تي ملڪ اندر 9 اسپتالن کي نشانو بڻايو: فاطمه محمد بيگي
ايراني پارليامينٽ جي هيلٿ ڪميشن جي رڪن فاطمه محمد بيگي سومر تي آمريڪا ۽ اسرائيل تي ملڪ اندر 9 اسپتالن کي نشانو بڻائڻ جو الزام لڳايو آهي، جڏهن ته اسرائيلي فوج تهران ۾ موجود گانڌي اسپتال تي حملي جي الزامن جو جواب ڏيندي چيو آهي ته حملي جو هدف اسپتال نه هئي.

ايران آپريشن پوري طاقت سان جاري رهندو: اسرائيلي بچاءُ وارو وزير
اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاتز جو چوڻ آهي ته سندن هوائي فوج تهران ۾ حڪومتي هدفن کي ڀرپور طاقت سان نشانو بڻايو آهي.
سندن چوڻ آهي ته اسرائيل ايران طرفان ميزائل حملا ڪرڻ واري صلاحيتن کي به گهٽايو ويو آهي ۽ اهو آپريشن پوري طاقت سان جاري رهندو.

سعودي عرب جي رياض تي آمريڪي سفارتخاني مٿان ايراني حملي جي مذمت
ٻئي پاسي سعودي فوج ترجمان جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ آمريڪي سفارتخاني کي ڊرون حملن ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي.
سعودي عرب راڄڌاني رياض ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ٿيل ايراني حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي عالمي روايتن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.
اڱاري ڏينهن سعودي عرب جي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ايراني غير اخلاقي رويي جو ٻيهر ورجاءُ علائقي کي وڌيڪ ڇڪتاڻ طرف ڌڪي ڇڏيندو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني اختيارين کي ڄاڻ آهي ته سعودي عرب واضح ڪري چڪو هو ته هو زميني ۽ فضائي حدون ايران خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو.
سعودي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته حڪومت پنهنجي سيڪيورٽي، علائقائي تحفظ، شهرين جي سلامتي ۽ مفادن جي بچاءَ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جو حق رکي ٿي، جنهن ۾ اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ به شامل آهي.

آمريڪا وٽ هٿيارن جو ايڏو ذخيرو آهي جو ايران سان سدائين جاري رهندڙ جنگ وڙهي سگهي ٿو: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن ايران خلاف جنگ شروع ڪرڻ جو فيصلو ان ڪري ڪيو ڇاڪاڻ ته اهو ايراني حڪومت کي روڪڻ جو آخري ۽ بهترين موقعو هو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وٽس جنگي هٿيارن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، جنهن جو استعمال ڪندي ”هميشه جاري رهندڙ جنگيون وڙهي سگهجن ٿيون.“
ٽروٿ سوشل تي ڊونلڊ ٽرمپ لکيو ”اسان وٽ انهن هٿيارن جو عملي طور لامحدود ذخيرو موجود آهي، آمريڪا وٽ هٿيار آهن ۽ اهو (جنگ) کٽڻ لاءِ تيار آهي.“
ان کانسواءِ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جو چوڻ آهي ته ايران تي سخت ترين حملا ٿيڻ اڃا باقي آهن.

آبنائي هرمز وٽان لنگهندڙ جهازن کي ساڙي ڇڏينداسين: ايراني اختيارين جو چتاءُ
هڪ ايراني عهديدار چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيڪو به سامونڊي جهاز آبنائي هرمز وٽان گذرڻ جي ڪوشش ڪندو، ايران ان کي ساڙي ڇڏيندو.

حزب الله جي خاتمي تائين لبنان ۾ ڪارروائيون ختم نه ٿينديون: اسرائيل
هوڏانهن اسرائيل لبنان ۾ حزب الله جي هدفن تي ڪيترائي حملا ڪيا آهن ۽ خبردار ڪيو آهي ته جيستائين ان کي مڪمل طور ختم نه ڪيو ويندو، فوجي ڪارروايون ختم نه ٿينديون.

اسرائيلي حملن ۾ 52 لبناني شهيد
لبنان جي صحت واري کاتي جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 52 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته بمباري سبب بيروت جا سوين شهري پناهه گاهن ڏانهن منتقل ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.