جرمني جو ايران خلاف فوجي ڪارروائي ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان

برلن (م ڊ) جرمني واضح ڪيو آهي ته هو ايران خلاف ڪنهن به فوجي ڪارروائي ۾ شامل نه ٿيندو، پر اردن ۽ عراق ۾ موجود پنهنجن  فوجي اڏن جي دفاع تي غور ڪندو. جرمن پرڏيهي وزير سرڪاري ريڊيو کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جو هن تڪرار ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو به ارادو ناهي. پرڏيهي وزير موجب، جرمني وٽ اهڙي ڪارروائي لاءِ ضروري فوجي وسيلا موجود ناهن. جرمني چيو آهي ته جيڪڏهن سندن فوجين تي حملو ٿيو ته اهي پنهنجي دفاع جو حق رکن ٿا.  جرمن فوج موجب، عراق جي شهر اربيل ۽ اردن جي الازراق اڏن کي نشانو بڻايو ويو هو جتي جرمن فوجي مقرر آهن، پر سرڪاري ايجنسي موجب اهي سڀ محفوظ رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.