آمريڪا طرفان ڪويت ۾ پنهنجا 3 جنگي جهاز تباهه ٿيڻ جي تصديق

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (يو ايس سينٽ ڪام) تصديق ڪئي آهي ته 3 آمريڪي ايف-15 اي اسٽرائيڪ ايگل جنگي جهاز ڪويت ۾ دوستاڻِي فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ تباهه ٿي ويا. جاري ڪيل بيان موجب، اِهو واقعو سومر ڏينهن پيش آيو، آپريشن ”ايپڪ فيوري“ دوران ايراني جهازن، بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز جي حملن وقت ڪويتي ايئر  ڊفينس غلطي سان آمريڪي جهازن کي نشانو بڻايو. بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمورا ڇهه ئي پائليٽ وقت سر ايجيڪٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، کين محفوظ طريقي سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي ۽ سندن حالت مستحڪم آهي. سينٽر ڪمانڊ موجب، ڪويت واقعي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، جڏهن ته آمريڪا ڪويتي دفاعي فورسز جي ڪوششن ۽ سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو آهي. يو ايس سينٽ ڪام چيو آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ ڄاڻ دستياب ٿيندي ئي جاري ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.