اسرائيل پاران حزب الله جي سربراهه کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

تل ابيب/بيروت (م ڊ) اسرائيلي بچاءَ واري وزير يسرائيل ڪاتز دعويٰ ڪئي آهي ته حزب الله جي سربراهه نعيم قاسم اسرائيلي حملي جو نشانو بڻايو ويو آهي. هڪ بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ۽ مون اسرائيلي فوج کي حزب الله خلاف طاقت سان ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان کان اڳ اسرائيلي ڊفنيس فورسز جو چوڻ هو ته انهن بيروت ۾ حزب الله جي هڪ اڳواڻ کي نهايت درستگي سان نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آءِ ڊي ايف بيروت سميت لبنان جي مختلف علائقن ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا آهن. ٻئي پاسي لبناني حڪومت مزاحمتي تنظيم حزب الله جي عسڪري ۽ سيڪيورٽي سرگرمين تي فوري پابندي لاڳو ڪندي تنظيم کان پنهنجا هٿيار رياست حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. لبناني وزيراعظم نواف سلام اعلان ڪيو ته حزب الله جي سڀني سيڪيورٽي ۽ عسڪري سرگرمين تي فوري پابندي لڳائي پئي وڃي ۽ کين غير قانوني قرار ڏنو پيو وڃي. هن حزب الله کان مطالبو ڪيو ته هو پنهنجا هٿيار رياست حوالي ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.