موساد ايجنٽ ايران ۾ ڊاڪٽر بڻجي داخل ٿيا، ٽريڪنگ ڊوائيسون لڳائڻ جو انڪشاف

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) سوشل ميڊيا اسرائيلي اڪائونٽن پاران هڪ حيرت انگيز دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اسرائيلي انٽيليجنس اداري موساد جا انڊر ڪور ايجنٽ گذريل ڪجهه سالن کان ايران ۾ ڊاڪٽرن ۽ ڏندن جي ماهرن جي روپ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. دعويٰ موجب، ڏندن جي ماهرن ايراني فوجي عملدارن ۽ اعليٰ شخصيتن جي ڏندن جي چيڪ اپ دوران ڪيويٽيز جي فلنگ ۾ ڳجهيون ٽريڪنگ ڊوائيسون لڳايون. ڏندن جي ماهرن سان گڏ گيسٽرو جي ڊاڪٽرن پڻ پنهنجن مريضن جي جسم ۾ اهڙيون ئي ڊوائسون لڳايون. ان نظام ذريعي موساد کي ايراني قيادت، انهن جي گهرڀاتين ۽ اعليٰ فوجي عملدارن جي صحيح لوڪيشن جي خبر هئي. دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسرائيلي حملي جي پهرين ڪجهه لمحن ۾ ئي انهن ڊوائيسز جي مدد سان 400 کان وڌيڪ اعليٰ سرڪاري ۽ فوجي اهلڪارن کي نشانو بڻائي ختم ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.