ايران جي ميزائل نظام مان خطرو آهي: ٽرمپ

تهران(ع آ نيوز)  ايران، پنهنجي رهبرِ اعليٰ آيت الله خامنه اي جي شهادت جو بدلو وٺڻ لاءِ اسرائيل جي شهرن تل ابيب ۽ بيت المقدس تي ميزائلن جي برسات ڪري ڏني  آهي. ايران دعويٰ ڪئي آهي ته انهن حملن ۾ 560 آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن، جڏهن ته آمريڪي سينٽ ڪام رڳو 4 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. ٻئي طرف، گذريل ٽن ڏينهن کان جاري آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايران ۾ فوتين جو انگ 555 ٿي ويو آهي. ڪويت ۾ 3 آمريڪي ويڙهاڪ جهاز تباهه ٿي ويا آهن، جن جا پائلٽ بچي ويا آهن. ايراني پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته انهن اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس ۽ فضائي فوج جي هيڊ ڪوارٽر کي خيبر بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي. اسرائيل حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. ياد رهي ته خيبر ميزائل 2000 ڪلوميٽر تائين مار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن ۾ شهيدن جو انگ وڌي 555 ٿي ويو، جڏهن ته صدر ٽرمپ طرفان ايران کي جنگبندي جي آڇ ڪئي وئي جنهن کي ايران رد ڪري ڇڏيو آهي. ايراني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي موجب، آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ڇنڇر کان هينئر تائين ايران تي ڪيل حملن ۾ شهيدن جو انگ 555 ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايراني صوبي يزد ۽ فارس تي حملا ڪيا ويا. ايراني اختيارين موجب، گذريل ٻن ڏينهن دوران يزد ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 27 ڄڻا شهيد ٿيا آهن. ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته فارس صوبي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن ۾ 35 ڄڻا شهيد ٿيا. ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي آهي جنهن تي ايران آمريڪا سان ڳالهين کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ايراني قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه علي لاريجاني ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اعلان ڪيو آهي ته ايران آمريڪا سان ڳالهيون نه ڪندو. هڪ ٻئي بيان ۾ علي لاريجاني جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي پاڻ هرتو خيالن وچ اوڀر کي افراتفري ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.