اسرائيل پاران حزب الله جي سربراهه کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي بچاءَ واري وزير يسرائيل ڪاتز دعويٰ ڪئي آهي ته حزب الله جي سربراهه نعيم قاسم اسرائيلي حملي جو نشانو بڻايو ويو آهي.
هڪ بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ۽ مون اسرائيلي فوج کي حزب الله خلاف طاقت سان ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ان کان اڳ اسرائيلي ڊفنيس فورسز جو چوڻ هو ته انهن بيروت ۾ حزب الله جي هڪ اڳواڻ کي نهايت درستگي سان نشانو بڻايو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آءِ ڊي ايف بيروت سميت لبنان جي مختلف علائقن ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا آهن.
لبنان ۾ زميني ڪارروائي سميت سڀئي آپشنز غور هيٺ: اسرائيلي فوج
اسرائيلي فوج جي ترجمان بيروت ۽ اتر سرحد تي تازن چڪرين کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته لبنان ۾ زميني ڪارروائي بابت سمورا آپشنز غور هيٺ آهن.
هن چيو ته حزب الله اسرائيل تي حملي جي ڳري قيمت ادا ڪندي ۽ اسان مڪمل طور تي تيار آهيون.
ترجمان موجب، اٽڪل هڪ لک ريزرو فوجي، درجنين بٽالين، بريگيڊ ۽ ڊويزنز اتر سرحد جي دفاع لاءِ متحرڪ ڪيا ويا آهن ۽ فوج هر ممڪن صورتحال لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.