آمريڪا طرفان ڪويت ۾ پنهنجا 3 جنگي جهاز تباهه ٿيڻ جي تصديق

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (يو ايس سينٽ ڪام) تصديق ڪئي آهي ته 3 آمريڪي ايف-15 اي اسٽرائيڪ ايگل جنگي جهاز ڪويت ۾ دوستاڻِي فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ تباهه ٿي ويا.
جاري ڪيل بيان موجب، اِهو واقعو سومر ڏينهن پيش آيو، آپريشن ”ايپڪ فيوري“ دوران ايراني جهازن، بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز جي حملن وقت ڪويتي ايئر ڊفينس غلطي سان آمريڪي جهازن کي نشانو بڻايو.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمورا ڇهه ئي پائليٽ وقت سر ايجيڪٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، کين محفوظ طريقي سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي ۽ سندن حالت مستحڪم آهي.
سينٽر ڪمانڊ موجب، ڪويت واقعي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، جڏهن ته آمريڪا ڪويتي دفاعي فورسز جي ڪوششن ۽ سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو آهي.
يو ايس سينٽ ڪام چيو آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ ڄاڻ دستياب ٿيندي ئي جاري ڪئي ويندي.
واضح رهي ته ايف-15 اي اسٽرائيڪ ايگل هڪ ملٽي رول جنگي جهاز آهي، جيڪو هوائي ۽ زميني ٻنهي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ماهرن موجب، موجودا تڪرار ۾ اِهي جهاز امڪاني طور دفاعي هوائي ڪارروائين ۾ رڌل آهن ته جيئن ايراني ميزائلن ۽ ڊرونز کي روڪي سگهجي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان مقصد لاءِ اهي جهاز هيٽ سيڪنگ ميزائل، ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل، يا ويجهو اچڻ جي صورت ۾ گنز استعمال ڪري سگهن ٿا.
ان کانسواءِ انهن وٽ ليزر گائيڊڊ راڪيٽن سميت ٻيا هٿيار به موجود آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.