اسلام آباد(ثقلين مشتاق)ايران هاڻي مسلسل آمريڪي بيسز کي هدف بڻائي رهيو آهي. اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن تي ايران ميزائل فائر ڪيا آهن، جن سان پڻ تباهي پکڙجي وئي آهي. بحرين ۾ ففٿ فليٽ جو هيڊڪوارٽر تباهه ڪيو ويو، قطر ۾ الودائد ملٽري بيس جون اهم تنصيبات تباهه ڪيون ويون، ۽ هڪ انتهائي اهم ۽ مهانگو ريڊار سسٽم تباهه ڪيو ويو، جنهن جي قيمت تقريباً هڪ ارب ڊالر هئي. ايران هاڻي مسلسل انهن ملڪن ۾ آمريڪي بيسز کي هدف بڻائي رهيو آهي. اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن تي ميزائل فائر ڪيا ويا ۽ تباهي پکڙجي وئي آهي. رهبر جو عهد اسلامي جمهوريت جي روح سان جڙيل آهي، پر اهو هڪ ادارو آهي ۽ ايران جي آئيني مطابق رهبر جي جانشيني جو طريقو واضح آهي. تنهنڪري رهبر جي وڃڻ بعد نئون رهبر چونڊجي ويندو.جو اسرائيل ۽ آمريڪا خواب ڏسي رهيا آهن يعني “رجيم چينج”، ان جا امڪان نظر نٿا اچن، پر عوام جي ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ اضافو ٿيندو ۽ ايران جي فوج ۾ جنگ جو جذبو وڌندو. خامنه اي پنهنجي قوم ۾ جهاد جو جذبو بيدار ڪرڻ لاءِ قربان ٿي ويو،خامنئي 86-87 سالن جا ٿي چڪو هو، جنهن عمر ۾ موت عام آهي، پر هنشهيد ٿيڻ کي ترجيح ڏني. جيڪڏهن هو ڪنهن بنڪر ۾ لڪجي وڃن ها ته بچي سگهي ها، پر هن پنهنجي قوم کي سبق ڏنو ته موت برحق آهي ۽ عزت سان زندگي گذارڻ ظلم جي موت کان بهتر آهي.هڪ انڊين ٽيليويزن چينل، انڊيا ٽوڊي، تي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي کان سوال پڇيو ويو ته جڏهن رهبر خامنه اي موجود نه هوندا ته ڇا ٿيندو؟ عراقچي جو جواب پرسڪون ۽ درست هو: ايران جي آئيني نظام ۾ اهو واضح آهي. مجلس خبرگان رهبر، جيڪا منتخب علما تي مشتمل آهي، ضرورت پوڻ تي نئون رهبر چونڊي سگهي ٿي، جيئن 1989 ۾ آيت الله روح الله خميني جي وفات کان پوءِ ڪيو هو، جڏهن نئون رهبر 24 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ چونڊيو ويو. عراقچي زور ڏنو ته اسلامي جمهوريه عوام جي مدد سان هلندڙ نظام آهي، جيڪو ڪنهن شخص جي موت سان نٿو ٽٽي. عوامي حمايت ثبوت طور انقلاب جي 47هين سالگره جو حوالو ڏنو ويو، جڏهن شهرن ۾ لکين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا.رهبر خامنه اي اپريل 1939 ۾ مشهد ۾ پيدا ٿيا. هو ڪنهن شاهي خاندان ۾ نه هئو، پر مذهبي ۽ سادو خاندان هو،. والد هڪ معمولي عالم هئا ۽ زندگي تقويٰ ۽ سادگي سان گذري. خامنه اي نوجواني ۾ عالمن کان تعليم حاصل ڪئي، جنهن ۾ روح الله خميني به شامل هئا، ۽ انقلاب جي قيادت ۾ حصو ورتو. شاهه جي خفيه پوليس (ساواک) ڪيترائي ڀيرا انهن کي گرفتار ڪيو.1981۾ ابوزر مسجد ۾ بم ڌماڪي ۾ هن جي ساڄي ٻانهن مفلوج ٿي وئي،