اسلام آباد/ ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان جي مقبول چينل جيو ٽي وي ۽ اي آر واءِ جي سيٽلائيٽ فريڪوئنسي هيڪ ٿيڻ بعد اسڪرين تي اڻ وڻندڙ پيغام نشر ڪيا ويا. رات نائين وڳي ڌاري چينل جي نشريات ۾ ملڪ دشمني تي ٻڌل پيغام نشر ڪيا ويا جنهن تي فوري طور تي اسڪرين کي بند ڪيو ويو. اهو امڪان آهي ته ڪڌي هيڪنگ پٺيان ٻاهريان عنصرن ۽ دشمن قوتون ملوث هجن جيڪي ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ پريشاني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. ان ڏس ۾ جيو ٽي وي جي ايم ڊي ايڪس تي چيو ته اسان پنهنجي ناظرين کي آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيو نيوز پاڪستان جي سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ تي آهي، ان کي ڪنهن طرفان گذريل 24 ڪلاڪن کان هيڪ ڪرڻ ۽ نشريات ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ نشريات ۾ رنڊڪون اچي رهيون آهن. هن چيو ته جيو نيوز جا عملدار درخواست ڪن ٿا ته ان صورتحال جو نوٽيس وٺندي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. چينل جي نيوز ويب سائيٽ تي ان جي تصديق ڪندي آگاهي پيغام جاري ڪيو ويو. ان ڏس ۾ اعزاز سيد به اهو واضح ڪيو ته هن صورتحال جو جيو نيوز سان ڪو واسطو نه آهي. خانگي ٽي وي چينل اي آر واءِ ٻڌايو ته پاڪستاني چينلن کي هيڪ ڪري موساد جي حمايت ۾ پيغام لڳايو ويو، گوگل اشتهارن کي پرو موساد پروپيگينڊا مهم هلائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. اي آر واءِ موجب، پاڪستان سميت 19 ملڪن جي ويب سائيٽن کي پرو موساد مهم لاءِ نشانو بڻايو ويو. پاڪستان ۾ گهڻو ڪري ميڊيا ويب سائيٽن کي نشانو بڻايو ويو. ان ڏس ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته سائبر حملن تي ٽيڪنيڪل ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن، ملڪ دشمنن کي پاڪستان مان وڏي تڪليف آهي، ڪجهه آن لائن ايپليڪيشنز تي پيغام آيا آهن، رياست ان معاملي جي پاڙ تائين ويندي.