اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم ايراني سپريم ليڊر جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو، بين الاقوامي قانونن ۽ اصولن جي خلاف ورزي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو . وزيراعظم شهباز شريف ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي بين الاقوامي قانونن ۽ اصولن جي خلاف ورزي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته کيس آيت الله علي خامنه اي جي شهادت تي انتهائي افسوس آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ حڪومت ايراني عوام جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهن. پاڪستان پاران بين الاقوامي قانونن ۽ اصولن جي خلاف ورزي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته اهو هڪ قائم ڪيل اصول آهي ته رياست ۽ حڪومت جي سربراهن کي نشانو نه بڻايو وڃي.هن چيو ته الله تعاليٰ ايراني عوام کي هن ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ صبر عطا ڪري. ٻئي طرف، وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا-اسرائيلي حملي ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت جي ڪري روس جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.