تهران (م ڊ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملن ۾ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي شهيد ٿي ويو. جڏهن ته ايران پلاند وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا سپريم ليڊر جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو ته حملي وقت آيت الله خامنه اي پنهنجي آفيس ۾ موجود هو. ايراني سپريم ليڊر جي شهادت کانپوءِ ايران ۾ 7 ڏينهن موڪل ۽ 40 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ايراني پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته جلد وڏي ڪارروائي شروع ٿيندي، ايران جي تاريخ جو سڀ کان جارحاڻو آپريشن شروع ٿيندو. ان کان اڳ ايراني سرڪاري ميڊيا تصديق ڪئي هئي ته حملن ۾ سپريم ليڊر جي ڌيءُ، نياڻو، نُنهن ۽ ڏوهٽي شهيد ٿي ويا آهن. آيت الله عارفي کي ڪائونسل جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو، جيڪو هڪ فقيه مقرر ڪيو ويو هو، ۽ ڪائونسل عارضي طور تي سپريم ليڊر جا فرض انجام ڏيندي،آيت الله علي رضا عارفي کي ڪائونسل جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو هڪ فقيه آهي.ايراني ميڊيا چيو آهي ته ليڊر ڪائونسل عارضي طور تي سپريم ليڊر جا فرض انجام ڏيندي، ۽ علي رضا عارفي کي عبوري ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ايراني سپريم ليڊر جا فرض انجام ڏيندو. ٽن ميمبرن واري ڪائونسل ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ ايراني چيف جسٽس پڻ شامل آهن.ايراني ميڊيا موجب، ڪائونسل ان وقت تائين ليڊر طور ڪم ڪندي جيستائين ماهرن جي اسيمبلي هڪ نئون سپريم ليڊر نه چونڊي. ايران جي سرڪاري ميڊيا آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ بچاءَ واري وزير عزيز ناصر زاده ۽ فوج جي چيف آف اسٽاف عبدالرحيم موسوي جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي. ايراني اختيارين موجب حملن ۾ سپريم ليڊر علي خامنه اي، سندس سيڪيورٽي صلاحڪار علي شامخاني ۽ پاسداران انقلاب جو سربراهه محمد پاڪپور به نشانو بڻجي ويو. سرڪاري ايجنسي جو چوڻ آهي ته هٿياربند فوج جا وڏي اعليٰ ڪمانڊر به انهن حملن ۾ مارجي ويا آهن، جن جا نالا پوءِ جاري ڪيا ويندا.