اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته افغان طالبان خلاف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ افغان فورسز کي وڏو نقصان پهتو آهي جنهن ۾ 352 طالبان مارجي ويا ۽ 535 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. افغان طالبان جون 130 چيڪ پوسٽون مڪمل تباهه ٿي چڪيون آهن، 26چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪيو ويو آهي. افغانستان ۾ 41 هنڌن کي هوائي حملن ذريعي نشانو بڻايو ويو، افغان فورسز جون 171 ٽينڪون ۽ بڪتربند گاڏيون به تباهه ٿي چڪيون آهن.سڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فضائيا قنڌار ۾ فضائي حملن دوران افغان فوج جا هيڊڪوارٽر تباهه ڪري ڇڏيا. صوبي ننگرهار جي مهمند ڌارا بيس ۾ ٻن هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو.