وزيراعظم جو سعودي ولي عهد سان رابطو،نار وارن ملڪن تي حملن جي سخت مذمت

اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز) وزيراعظم شهباز شريف، سعودي عرب جي ولي عهد شهزادہ محمد بن سلمان سان ٽيليفوني ڳالهه ٻولهه ڪندي ايران تي اسرائيل جي حملن سبب علائقائي تڪرار ۽ ڪجهه خليجي ملڪن تي ٿيندڙ حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي. اعلاميي موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادہ محمد بن سلمان بن عبدالعزیز آل سعود سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ايران تي اسرائيل جي حملن سبب پيدا ٿيل سنگين علائقائي تڪرار ۽ بعد ۾ ڪجهه خليجي ملڪن تي ٿيندڙ افسوسناڪ حملن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.وزيراعظم چيو آهي ته اهڙا قدم علائقي جي امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن ۽ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿا.اعلاميي موجب وزيراعظم موجوده صورتحال ۾ سعودي قيادت سان پاڪستان جي مڪمل گڏيل موقف ۽ پختي حمايت جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته پاڪستان هر حال ۾، هر وقت ۽ هر مشڪل وقت ۾ پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهندو.وزيراعظم ٻيهر عزم ظاهر ڪيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ پنهنجي پختي حمايت جاري رکندو.وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن نازڪ مرحلي تي تعميراتي ۽ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ دعا ڪئي ته ماهِ مقدس رمضان المبارڪ جي برڪتن سان علائقي ۾ جلد امن، استحڪام ۽ هم آهنگي قائم ٿي وڃي،هوڏانهن وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد سان به فون تي رابطو ڪيو ۽ خطي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.