تهران/ واشنگٽن/تل ابيب (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل گڏيل طور تي ايران تي حملا ڪندي تهران سميت مختلف شهرن تي ميزائل فائر ڪيا جن ۾ فوجي ۽ سياسي قيادت کي نشانو بڻايو ويو. تهران ۽ اترين علائقن ۾ ڌماڪا ٿيا. تهران جي مهرآباد ايئرپورٽ کي نشانو بنايو ويو، سيستان، اصفهان، قم، ڪرج ۽ ڪرمان شاهه، لورستان ۽ تبريز ۾ به ڌماڪا ٿيا. ايراني صدارتي محل ۽ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنا اي جي ڪمپائونڊ ويجهو 7 ميزائل ڪريا، ايليمينٽري اسڪول تي حملي ۾ 160 شاگردياڻيون شهيد ٿي ويون جڏهن ته حملن ۾ مجموعي طور 201 ماڻهو مارجڻ ۽ 747 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيڻ جا اطلاع سامهون آيا. تجزئي نگارن موجب، اهڙن حملن جو مقصد ايران ۾ رجيم چينج آهي. ايران جوابي ڪارروائي ڪندي آمريڪي اڏن ۽ اسرائيل تي ميزائل حملا ڪيا. سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، قطر، عراق، ڪويت، بحرين ۾ موجود اڏن کي نشانو بڻايو ويو. خابرو ادارن موجب، اسرائيلي حملي ۾ ايراني دفاع وارو وزير امير ناصر زادا شهيد ٿي ويو. ٽرمپ ڌمڪي آهي ته پاسداران انقلاب هٿيار ڦٽا ڪن نه ته سندن موت يقيني آهي. اسرائيل جو چوڻ آهي ته ايراني عوام لاءِ تقدير کي هٿن ۾ کڻڻ جهڙيون حالتون پيدا ڪنداسين. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته هڪ يا 2 ڪمانڊر شهيد جڏهن ته سڀ عهديدار ۽ سپريم ليڊر محفوظ آهن. سعودي عرب چيو آهي ته نار ملڪن جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي قبول ناهي. آمريڪي عهديدار ميڊيا کي ٻڌايو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران طرفان يورينيئم افزودگي جي ڊيل نه ٿين تي ڪاوڙيل هو، ايران تي آمريڪي حملا فضا ۽ سمنڊ مان ڪيا ويا. آمريڪي جنگ واري وزارت طرفان سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ويو ته ايران خلاف آپريشن کي ايپڪ فيوري جو نالو ڏنو ويو آهي. اسرائيلي دفاع واري وزارت جو چوڻ هو ته اسرائيل ايران خلاف اڳواٽ حملو ڪيو ته جيئن اسرائيل لاءِ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي. دفاعي اهلڪار چيو ته اسرائيل جو آپريشن آمريڪا سان گڏجي ڪيو پيو وڃي، ايران تي آپريشن جو منصوبو مهينا اڳ ٺاهيو ويو هو، حملي جي تاريخ جو فيصلو ڪجهه هفتا اڳ ٿيو هو. برطانوي خابرو اداري ذريعن وٽان ٻڌايو ته اسرائيلي حملن ۾ ايراني دفاع وارو وزير امير نصيرزادا ۽ ايراني پاسداران انقلاب جو سربراهه محمد پاڪپور شهيد ٿي ويا آهن. ايران جي صوبي هرمزگان جي شهر مناب ۾ اسرائيل ڇوڪرين جي اسڪول شجرا طيبا کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 160 شاگردياڻيون شهيد ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيون. پرڏيهي خابرو اداري اسرائيلي عهديدار جي حوالي سان ٻڌايو ته آمريڪا اسرائيل حملي ۾ ايراني سپريم ليڊر ۽ ايراني صدر کي نشانو بڻايو ويو، حملي جا نتيجا غير واضح آهن. ايراني ميڊيا موجب، ڪجهه ميزائل تهران ۾ يونيورسٽي روڊ ۽ جمهوري ايريا تي ڪريا، تهران ۾ دونهين جا ڪڪر ٺهي ويا. ايران آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن تي رد عمل ۾ جوابي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ ايران طرفان به اسرائيل تي حملا ڪيا ويا جنهن جي تصديق اسرائيل طرفان ڪئي وئي. ايراني حملن بعد اسرائيلي شهرين کي پناهه گاهن ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي. اسرائيل ۾ اسڪول بند ڪيا ويا، والاريل بيت المقدس ۾ به سائرن وڄڻ لڳا. ايراني ٽي وي موجب، اسرائيل تي تقريبن 75 ميزائلن سان حملو ڪيو ويو. قطر ۾ آمريڪي سفارتخاني جي اهلڪارن کي شيلٽرز ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي عراقي هم منصب سان ڳالهائيندي چيو ته ايران پنهنجو دفاع جاري رکندو ۽ رد عمل ۾ خطي ۾ سڀني آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائيندو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايران ۾ حڪومتي تبديلي ناممڪن آهي. ايراني نيشنل سڪيورٽي ڪميشن اسرائيل کي پيغام ڏنو ته ايران توهان کي وارننگ ڏني، هاڻي جيڪو ٿيندو، اهو توهان جي هٿن ۾ نه هوندو. ايراني پاسداران انقلاب اعلان ڪيو ته هن خطي ۾ موجود ڪيترن ئي آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آهي. خطي ۾ آمريڪا جي 14 اڏن کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ ڪيترائي آمريڪي فوج مارجي ويا آهن جڏهن ته آبنائي هرمز بند ڪيو ويو آهي. ايران قطر ۾ العديد ايئربيس، ڪويت ۾ السليم ايئربيس، يو اي اي ۾ الدفرا ايئربيس ۽ بحرين ۾ بحري ايئربيس کي نشانو بڻائڻ جي تصديق ڪئي آهي. بحرين ۾ مقرر آمريڪي نيوي جي ففٿ فليٽ کي نشانو بڻايو ويو. والاريل فلسطيني علائقن جي مرڪز ۾ واقع فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو. بيان ۾ چيو ويو ته آپريشن واعدا صادق 4 آمريڪي فوج ۽ ٻارن جي قاتل صيهوني حڪومت خلاف ڪيو پيو وڃي. جنهن تحت دشمن جي علائقائي هدفن تي حملا ڪيا ويا آهن. ايران جي فوج طرفان ميزائل ۽ ڊرون حملا جاري رکيا ويندا. ذريعن موجب، سعودي عرب جي شهر رياض ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا. جڏهن ته دبئي جي علائقي مارينا ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا. يمن جي حوثين اسرائيل ۽ سامونڊي رستي تي جهازن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا. گڏيل عرب امارات جي راڄڌاني ابوظهبي ۽ ڪويت ۾ به زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا. يو اي اي جي سرڪاري خابرو ايجنسي موجب، ايراني ميزائل جا تڪڙا لڳڻ سبب هڪ پاڪستاني شخص مارجي ويو جڏهن ته ڪيترائي ميزائل روڪيا ويا. وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب فيصل آباد کان دبئي ويندڙ اڏام معطل ڪئي وئي، مسافرن کي واپس گهر موڪليو ويو. وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب دبئي ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن نئين حڪم تائين معطل ڪيو ويو.
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ٽرٿ سوشل تي وڊيو ۾ چيو ته آمريڪي فوج ايران ۾ اهم جنگي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام کي ٻيهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آمريڪا ان خطرناڪ ۽ انتهاپسند حڪومت کي پنهنجي ۽ قومي سلامتي لاءِ خطرو پيدا ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ وسيع آپريشن شروع ڪيو آهي. هن خبردار ڪيو ته اسان انهن جي ميزائلن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين ۽ ميزائلن جي شعبي کي ڍير ڪري ڇڏيندا، اهو مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو، اسان سندن بحري فوج کي ختم ڪري ڇڏينداسين. ٽرمپ چيو ته آمريڪا ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ايران جي علائقائي دهشتگرد پروڪسي وڌيڪ علائقي يا دنيا ۾ عدم استحڪام پيدا نه ڪري سگهي، اسان جي فوجين تي حملا نه ڪري سگهن ۽ پنهنجي بارودي سرنگن يا روڊ ڪناري بمن ذريعي هزارين ماڻهن، آمريڪي شهرين کي نقصان نه پهچائي سگهن. ٽرمپ واعدو ڪيو ته امريڪا اهو به يقيني بڻائيندو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري. هن ايراني انقلابي گارڊز کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي ۽ چيو ته اوهان سان مڪمل معافي سان محفوظ طريقي سان پيش ايندا سين يا وري اوهان کي موت کي منهن ڏيڻو پوندو. ٽرمپ ايران تي الزام هنيو ته هو ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل تيار ڪري رهيو آهي جيڪي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن لاءِ خطرو آهن. هوڏانهن خابرو اداري سي اين اين موجب، آمريڪي انٽيليجنس ايجنسيون صدر ٽرمپ جي اهڙي دعويٰ جي تصديق نٿيون ڪن. موجوده انٽيليجنس ۾ ڪي ثبوت ناهن ته ايران هن وقت آمريڪا کي نشانو بڻائيندڙ بيلسٽڪ ميزائل تي ڪم ڪري رهيو آهي.
اسلام آباد(طلعت حسين)ايران پاران جوابي ڪارروائي طور سعودي عرب سميت 7 نار وارن ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي هدف جو نشانو بڻايو ويو،اسرائيل اندر به ايران جا حملا جاري آهن،ايران اعلان ڪيو آهي ته اصل ميزائل ته هاڻي فائر ڪرڻ وارا آهيون،جيڪي توهان اڳ ۾ نه ڏٺا هوندا،پاڪستان ايران تي حملن جي مذمت ڪئي آهي پر ان سان گڏ سعودي عرب ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملن جي به مذمت ڪئي وئي هي،پاڪستاني پرڏيهي وزير پنهنجي ايراني هم منصب سان رابطي ۾ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، پر ڳالهين جي ان عمل ۾ شديد ڌچڪو پهتو آهي،ڳالهيون ڪرائيندڙ عمان کي به نشانو بڻايو ويو آهي،ڳالهيون ڪٿي شروع ينديون،گڏيل قومون بيوس آهن،چين بيانن کان اڳتي نه پيو وڌي،يورپي يونين به ڳڻتي جو اظهار ته ڪيو آهي پر ان ۾ به سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي طلبي کان علاوه ٻيو ڪا خاص بيان ناهي آيو،ايران جيڪو ردعمل ڏنو آهي ان ۾ نار واريون رياستون ڪهڙو ردعمل ڏينديون ان تي نڪتو اچي بيٺو آهي،ٻئي پاسي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪوشش آهي ته اسان ايراني رجيم جون وڏيون وڏيون شخصيتون ماري ڇڏيون ته پوءِ ايران اندريان ئي ڪو انقلاب آڻي ڇڏيون،پر جهڙي طرح سان حملا ڪيا ويا ان سان ايران اندر ته ڪو انقلاب نٿو اچي سگهي نه ئي اهڙو ڪو آواز اچي سگهي ٿو ته اسان هاڻي اسرائيل ۽ آمريڪا جي ٺپو ڏنل حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،هن موقعي تي اسرائيل هر معاملي ۾ فاتح نظر اچي رهيو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته ايران ۾ فوجي يا شهري حوالي سان تباهي ان کي خوش ڪندي،جيڪڏهن نار وارن ملڪن جي ايران سان دشمني ٿئي ٿي تڏهن به اسرائيل خوش ٿيندو،ايران اهو به واضح ڪيو آهي ته دبئي يا ٻين مسلمان رياستن ۾ سويلين آبادي تي فائر ڪيل ميزائل اسان جا ناهن،