ٽيڻي قتل ڪيس جو فيصلو محفوظ، 30 مارچ تي ٻڌايو ويندو

دادو (عوامي آواز رپورٽ) دادو جي عدالت ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جَي قتل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 30 مارچ تي ٻڌايو ويندو. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران الزام هيٺ  آيل ايم پي اي  سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عدالت پھتا. ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو ۽ ام رباب به عدالت ۾ پيش ٿيا. جيل ۾ قيد 4 جوابدارن عبدالستار چانڊيو، علي گوهر، سڪندر چانڊيو، مرتضيٰ ۽  ذوالفقار چانڊيو کي به عدالت پهچايو ويو. جوابدار ۽ فريادي ڌر جي شاهدن ۽ وڪيلن جا بيان توڙي دليل  مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اُم رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاهدين ۽ ثبوتن تحت سردار سزا کان بچي نه سگهندا، عدالت مان انصاف جي اميد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.