پنوعاقل (ن ع آ) پني عاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، راڪيٽ فائر، کير پياڪ ٻارڙي قتل ٿي وئي، ٻارڙي جو ڌڙ سسيءَ کان ڌار ٿي ويو، عورتن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پني عاقل جي ڪچي کڏهڙي ٿاڻي جي حد ڪيٽي شاهه ٻيلي ۾ زمين جي تڪرار تان مهر برادري جي ٻن ڌرين مامن/ڀاڻيجن ۾ جهيڙو ٿي پيو، راڪيٽ فائر ڪيا ويا، جديد هٿيارن سان پڻ فائرنگ ڪئي وئي، ذريعن موجب فائرنگ ۽ راڪيٽ فائر ٿيڻ سبب ٻن ورهين جي رحيمان مهر قتل ٿي وئي، ٻارڙي جو ڌڙ سسيءَ کان ڌار ٿي ويو، عورتن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، الزام هيٺ آيل ڌر موجب پوليس چڙهائي دوران مخالفن جو جاني نقصان ٿيو آهي، اسان تي الزام اجايا هنيا ويا آهن، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، جڏهن ته قتل ٿيل ٻارڙي جي ڌر جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته بيگناهه معصوم ٻارڙي کي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.