ڄامشورو (رپورٽ: صدرالدين جوڻيجو) ڄامشورو پوليس جي وڏي ڪارروائي صنبرين پٺاڻ قتل ڪيس ۾ ملوث وڌيڪ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا ڊي آء جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو جي خاص هدايتن تي جوڙيل پوليس ٽيم پيشورانه مهارت ۽ جاچ جي جديد طريقن سان ٽريس ڪندي مٽياري حيدرآباد ۽ ضلعي جي جابلو پٽي مان فرار ٿيل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي وئي آهي، پوليس ترجمان موجب قتل ڪيس ۾ 2 جوابدار نورو کوسو ۽ وزير کوسو کي پهريان گرفتار ٿيل آهن ۽ وڌيڪ 6 جوابدارن راڻو ولد نواز علي کوسو، جاني ولد بشام کوس، علي نواز ولد مير خان کوسو، اصغر ولد مراد کوسو، گلشير ولد ليار کوسو ۽ دادو عرف دادن ولد عبدالطيف کوسو کي به پوليس ٽيم گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ڪيس بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي،ياد رهي ته ڪجهه هفتا اڳ ڄامشورو لمس يونيورسٽي پٺيان جابلو پٽي ۾ ڪپڙو ۽ ٿانوَ وڪرو وڪندڙ پورهيت عورت صنرين پٺاڻ کي مقامي ڳوٺ جي جوابدارن اغوا ڪري يرغمال بڻائي کيس گينگ ريپ جو نشانو بڻائي کيس تشدد ڪري قتل ڪري لاش اڇلائي ڇڏيو هو.