اسلام آباد (بيورو) حڪومت ملڪ ۾ سڀني ڪمرشل ۽ پرائيويٽ ڊرون اڏائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، وفاقي گهرو وزارت پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي مئجسٽريٽ اسلام آباد به قلم144 تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن موجب گادي واري شهر ۾ ڊرون، فينٽم ۽ ڪيم ڪاپٽر اُڏائڻ تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد جي حدن ۾ بغير اجازت ڪنهن به قسم جي يو اي وي تي مڪمل پابندي هوندي، قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ آءِ سي ٽي انتظاميا کان سواءِ ڪنهن کي اجازت نه هوندي، پابندي فوري طور تي لاڳو ٿيندي ۽ 2 مهينن تائين ان تي عمل ڪيو ويندو، اهو فيصلو سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
عمران خان جي اسپتال منتقلي لاءِ داخل درخواست واپس
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست تي اعتراض اٿاريندي درخواست واپس ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي وزيراعظم جا وڪيل سردار لطيف کوسا ۽ نعيم پنجوٿا سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا ۽ درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته توهان جي درخواست ڪالهه اعتراضن سان واپس ڪئي وئي آهي. توهان جون درخواستون ٻئي فيصلي تائين التوا ۾ رهنديون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهڙي ڪا به درخواست التوا ۾ ناهي جنهن تي توهان ڪارروائي ڪري سگهو. ان تي لطيف کوسا چيو ته اسان ڪالهه جلد ٻڌڻي جي درخواست داخل ڪئي هئي ۽ عدالت عمران خان جي علاج جو حڪم ڏنو هو. چيف جسٽس آف پاڪستان جواب ڏنو ته عدالت ڪو حڪم جاري نه ڪيو هو پر حڪومت يقين ڏياريو هو ته توهان عدالت جو فيصلو ٻيهر پڙهو، صحت جو مسئلو التوا ۾ ناهي. لطيف کوسا موقف اختيار ڪيو ته اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست سياسي يا قانوني نه پر انساني بنيادن تي هئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته طبي چيڪ اپ انساني بنيادن تي ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران لطيف کوسا چيو ته مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، جنهن تي جسٽس شاهد بلال حسن چيو ته مان توهان کي 1992 کان سڃاڻان ٿو،