حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهين لاءِ باظابطا رابطو، عمران خان جي صحت وارو معاملو به اُٿاريو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهين جي حوالي سان پهريون باظابطا رابطو ٿيو آهي.
قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود اچڪزئي ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ اهم ملاقات ٿي.
ذرايع موجب، محمود اچڪزئي ۽ راڻا ثناءُ الله وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي راڻا ثناءُ الله اهم قومي معاملن تي سياسي اتفاق راءِ تحت اڳتي وڌڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته اپوزيشن ليڊر محمود اچڪزئي نتيجا ڏيندڙ ڳالهين وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
ذريعن موجب، محمود اچڪزئي ملاقات دوران راڻا ثناءُ الله سان پي ٽي آءِ باني عمران خان جي صحت وارو معاملي پڻ اُٿاريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.