پاڪستان جي امن جي خواهش کي ڪمزور سمجهيو ويو ته منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ به ايندو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڀارت ۽ ان جي پراڪسيز کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌوڙ ڪيو ويو ، پاڪ فوج افغان طالبان جي جارحيت جو منه ٽوڙ ڏنو.
هڪ بيان سينيئر صوبائي وزير چيو ته ڀارت ۽ ان جي پراڪسيز کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌوڙ ڪيو ويو، پاڪ فوج افغان طالبان جي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو.
شرجيل ميمن چيو ته ”افغان طالبان رجيم ڀارت جي بي ٽيم بڻجي چڪي آهي.“
هن چيو ته پاڪستاني قوم ڳالهين تي يقين رکي ٿي، پر جيڪڏهن پاڪستان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري سمجهي ويو ته منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ به ايندو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو هو ته 27 فيبروري 2019ع ڀارتي پائلٽ اڀِينندن جي گرفتاري خطي جي تاريخ جو اهم لمحو هو، اڄ به پاڪستان افغان سرزمين کان ٿيندڙ دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏئي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي لاءِ دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.