اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وزيرِ اعظم محمد شهباز شريف جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪيو جتي عسڪري قيادت پاڪ-افغان چڪرين بابت بريفنگ ڏني.
وزيرِ اعظم پنهنجي ڪابيني جي ميمبرن سان گڏ جي ايڇ ڪيو پهتا جتي عسڪري قيادت افغانستان جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني.
وزيرِ اعظم شهباز شريف چيو ته ”فتنه الخوارج ۽ افغان طالبان رجيم جي ڳٺ جوڙ ۽ شر پسند ڪارروائين لاءِ زيرو ٽالرينس اختيار ڪئي وڃي، افغان طالبان رجيم ۽ فتنه الخوارج جي پاڪستان خلاف ڪارروائيون قبول ڪرڻ جوڳيون ناهن.“
هن چيو ته ”فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي، پاڪستان ڪنهن به اڳرائيءَ خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ چڱي طرح ڄاڻي ٿو.“
وزيرِ اعظم افغان طالبان رجيم جي سرحدي علائقن ۾ حملا ناڪام بڻائڻ ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي پاڪ فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ”پوري قوم وطن جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺي آهي.“
وزيرِ اعظم جو جِي ايڇ ڪيو جو دورو، عسڪري قيادت افغانستان صورتحال تي بريفنگ ڏني
You might also like