ڌرميندر جي لاڏاڻي کانپوءِ ديول خاندان ۾ تڪرار جون خبرون، هيما مالني خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي وڊ اداڪارا هيما مالني خانداني اختلافن بابت افواهن تي چيو آهي ته فيملي ۾ ڪا نفرت ناهي، سڀ ڌرم(ڌرميندر) جي سان پيار ڪندا هئا.
سورڳواسي ليجنڊ اداڪار ڌرميندر کي لندن ۾ 79 هين بافٽا ايوارڊز جي ”ان ميوريئم“ سيگمينٽ ۾ اعزاز سان نوازيو ويو، جيڪو اداڪارا هيما مالني طرفان وصول ڪيو ويو.
ان موقعي موقعي تي چيو ته ”هي هڪ خوبصورت گهڙي آهي ۽ هوءَ ان جي حقدار آهي، هي نه رڳو اسان لاءِ پر سڄي ملڪ لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي، هن سال ڪنهن به ڀارتي فنڪار کي هي اعزاز حاصل ناهي مليو.“
هيما مالني وڌيڪ چيو ته ”ڌرميندر جا مداح سڄي دنيا ۾ هئا ۽ هو رڳو هڪ اداڪار طور نه پر هڪ انسان طور به متاثر ڪندڙ هو.“
خانداني تڪرار بابت سوال تي هيما مالني وراڻيو ته ”ڪا به ناڪاري ڳالهه ناهي، ايشا، آهانا، سني ۽ بوبي، سڀ ڌرم جي سان محبت ڪندا هئا، هو هڪٻئي کي گهڻو پسند ڪندا هئا، فيمليءَ ۾ نفرت ناهي، ڌرم جي سندن لاءِ محبت جو ذريعو هئا.“
واضح رهي ته بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار ڌرميندر گذريل نومبر 89 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.