ماسڪو/بيجنگ/دوها/تهران (ويب ڊيسڪ) چين، روس، قطر ۽ ايران پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جاري تڪرار جي حل تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي.
چين جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چين صورتحال کي ماٺو ڪرڻ ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، چين پنهنجي سفارتي ذريعن ذريعي تڪرار ۾ ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ٻئي پاسي قطر ۽ ايران به پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري چڪا آهن.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان کي اختلاف ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجن، ايران ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري لاءِ هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي.
روسي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن درخواست ڪئي وئي ته پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ ٽياڪڙي تي غور ڪري سگهجي ٿو.
هوڏانهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل به پاڪستان ۽ افغانستان جي تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي، ٻنهي ملڪن کي عالمي قانون تحت پنهنجون ذميواريون نڀائڻ تي زور ڏنو آهي.
Prev Post
You might also like