اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان هڪ ڀيرو ٻيهر سرحدي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان تي بنا جواز چڙ ڏياريندڙ فائرنگ ڪئي، جنهن تي سيڪيورٽي فورسز ترت ۽ اثرائتو جواب ڏنو، پاڪ فوج جي غضب لِلحق آپريشن تحت دشمن کي وڏي جاني ۽ مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو، هينئر تائين 133 افغان طالبان مارجي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي آهن، جڏهن ته ڪيترين ئي چيڪ پوسٽن کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو آهي.
سڌ سماءُ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، افغان طالبان رجيم پاڪ افغان سرحد تي بنا جواز چڙ ڏياريندڙ فائرنگ ڪئي، جنهن تي سيڪيورٽي فورسز افغان طالبان جي ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏنو آهي.
ذريعن موجب، تازن هوائي حملن ۾ ڪابل ۾ ٻه برگيڊ هيڊڪوارٽر تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته ڪارروائين دوران دشمن کي وڏو نقصان پهتو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، قنڌار ۾ ايئر اسٽرائيڪ دوران هڪ ڪور هيڊڪوارٽر ۽ هڪ برگيڊ هيڊڪوارٽر کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته ايمونشن ڊيپو ۽ لاجسٽڪ بيس به مڪمل طور تباهه ڪيو ويو.
افغان صوبي ننگر هار ۾ پاڪ ايئر فورس جي جهازن هڪ وڏو ايمونشن ڊيپو تباهه ڪيو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پڪتيا ۾ ٿيل ڪارروائي ۾ هڪ ڪور هيڊڪوارٽر کي به اثرائتي فضائي حملي ۾ نشانو بڻايو ويو.
پاڪستان ڏکڻ وزيرستان سان لڳندڙ افغانستان جي پڪيتا واري علائقي ۾ پنج افغان پوسٽن تي قبضو ڪري پاڪستان جو جهنڊو لهرائي ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج اثرائتي ڪارروائي دوران انگور اڊا وارو افغاني ٽرمينل به تباهه ڪري ڇڏيو، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي ڀرپور ۽ طاقتور جواب ۾ افغان طالبان فورسز کي وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون پاڪ- افغان سرحد تي خوست ۾ افغان طالبان جون ڪيتريون ئي اهم پوسٽون مڪمل تباهه ڪري ڇڏيون، پاڪستان جي فيصلائتي ڪارروائي کانپوءِ افغان طالبان فوج ڪيترائي ڀيرا پوسٽن تي اَڇو جهنڊو به ڦڙڪايو.
ان کانسواءِ سيڪيورٽي فورسز افغان طالبان فورسز کي آرٽيلري ۽ ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي نموني نشانو بڻايو.
افغان طالبان جي حمايت يافته فتنه الخوارج ايبٽ آباد، صوابي ۽ نوشهرا ۾ ننڍن ڊرونز سان حملي جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام بڻائي وئي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان جي اينٽي ڊرون سسٽمز سڀ ڊرونز کي ڪِيرايو، ڊرونز حملن ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.
انهن واقعن هڪ ڀيرو ٻيهر افغان طالبان رجيم ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڳٺ جوڙ کي وائکو ڪيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن غضب للحق تحت جوابي حملن ۾ هينئر تائين 133 افغان مارجي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي آهن. پاڪ فوج 27 پوسٽون مڪمل تباهه ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته 9 افغان پوسٽن تي قبضو ڪري ورتو آهي، جوابي ڪارروائي ۾ 50 کان وڌيڪ ٽينڪ، آرٽيلري گنز ۽ اي پي سيز تباهه ڪيا ويا.
سڌ سماءُ واري وزارت موجب، افغان طالبان چترال، خيبر، مهمند، ڪرم، باجوڙ ۾ سرحدي ڀڃڪڙي ڪئي، پاڪستان جي جواب ۾ افغانستان کي وڏو جاني نقصان ٿيو جڏهن ته ڪيترين چيڪ پوسٽن کي تباهه ڪيو ويو.
شرمناڪ شڪست کانپوءِ طالبان شهري آبادي تي حملا شروع ڪري ڇڏيا.
گذريل رات باجوڙ جي سرحدي علائقن لغڙئي ۽ ڀرپاسي ۾ سرحد پار کان فائر ڪيل مارٽر گولن سبب پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ ٽي
عورتون شامل آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، زخمين کي فوري طور خار اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن علاج جاري آهي.
شيلنگ سبب هڪ مقامي مسجد جي ڇت ۽ ٻين حصن کي به نقصان پهتو.