ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) عمرڪوٽ پوليس پاران عورتن جي تذليل ڪرڻ انھن مٿان تشدد ڪرڻ واري واقعي تي ام رباب چانڊيو ويڊيو بيان جاري ڪندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، ام رباب چانڊيو چيو آھي ته مون وٽ ايترا لفظ نه آھن جو مان سنڌ جي حڪمرانن کي ڪھڙي طريقي سان جاڳائي سگھان، مون وٽ ايترا لفظ نه آھن جو مان سنڌ جي ماڻھن کي اھڙي ٿيندڙ ظلم خلاف سجاڳ ڪري سگھان، ھر سنڌ جي غيرتمند ماڻھو لاءِ ھي انتھائي ڏکوئيندڙ واقعو آھي ته سنڌ جي نياڻين جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪيا ويا ۽ سنڌ پوليس جي ھٿان نياڻين، عورتن کي بيدردي سان تذليل جو نشانو بڻايو ويو، ام رباب چانڊيو بلاول ڀٽو زرداري سان مخاطب ٿيندي چيو آھي ته ھي اوھان جا ووٽر ۽ سپوٽر آھن اوھان مريم نواز جي گرفتاري دوران اوھان جا لفظ ڪھڙا ھئا ته اوھان ۾ شرم ۽ غيرت نه آھي ته عورت کي ڪئين گرفتار ڪيو وڃي ٿو، بلاول صاحب ھي به سنڌ جون نياڻيون آھن انھن کي ڪھڙي طريقي سان روڊن تي گھليو ۽ انھن جا ڪپڙا ڦاڙيا ويا آھن، اوھان کي فورن نوٽيس وٺي انھن خلاف ڪاروائي ڪرڻ گھرجي.