اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ طرفي عسڪري مهم جوئي مسئلي جو حل ناهي، پراها وڌيڪ مسئلن جو ڪارڻ بڻبي.
جي يو آءِ جي ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل بيان موجب، مولانا فضل الرحمان چيو ته سيڪيورٽي حوالي سان پاڪستان جي شڪايت جائز آهي، پر افغانستان جي خودمختياري ۽ اندروني مسئلن جو احترام پڻ ضروري آهي.
هن چيو ته” جذباتي رويا ٻنهي ملڪن لاءِ مسئلن ۾ واڌ جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن.، ٻطرفن مفادن، اعتماد جوڳي سيڪيورٽي فريم ورڪ ۽ عالمي طور تسليم ٿيل ضابطن جو استعمال ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سفارتي مهم جوئي مسئلي جو پائيدار حل ڳولي سگهي ٿي.“
مولانا فضل الرحمان ٻنهي ملڪن کي صبر، برداشت ۽ ذميواراڻا رويا اختيار ڪندي ترت جنگبندي جي اپيل ڪئي آهي.