اسحاق ڊار جو ترڪ هم منصب سان رابطو، ٻنهي اڳواڻن ۾ علائقائي امن بابت خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آگاهه ڪيو آهي ته هن افغانستان سان جاري تڪرار بابت پنهنجي ترڪي جي هم منصب حڪان فِيدان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اسحاق ڊار ترڪي جي پرڏيهي وزير فيدان کي ٻڌايو ته پاڪستاني فوجن افغانستان جي بنا جواز چڙڏياريندڙ فائرنگ ۽ اڳرائيءَ جو فوري جواب ڏنو آهي.
پڌرائي موجب، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو ۽ بدلجندڙ صورتحال تي رابطو رکڻ تي اتفاق ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.