اسلام آباد (بيورو) انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪندڙ فائر وال کي بند ڪرڻ جي معاملي تي بحث ڪيو ويو. ڪميٽي ميمبر صادق ميمڻ فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي کان اڳ فائر وال کي هٽائڻ بابت سوال اٿاريو. سيڪريٽري آءِ ٽي ضرار هاشم ان جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو ويب مئنيجمينٽ سسٽم مڪمل طور تي فعال آهي ۽ ڪنهن به قسم جي دير جو سبب نه بڻجندو آهي. پي ٽي اي چيئرمين چيو ته فائر وال ناهي، اهو پي ٽي اي جو ويب مئنيجمينٽ سسٽم آهي، هي سسٽم 2006 کان لاڳو آهي. سندس مطابق، هن سسٽم تحت، ايڪس سميت مختلف پليٽ فارمز کي حڪومت ۽ عدالت جي حڪمن تي بند ڪيو ويو.