غريب ملڪ جي حڪمران طبقي پاران ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن مان عيش عشرت: عوامي ردعمل

اسلام آباد(عوامي آُواز نيوز)تجزئي نگار زاهد حسين چيو آهي ته هڪ اهڙو ملڪ جنهن جي 29 سيڪڙو آبادي يعني 7 ڪروڙ ماڻهو ماهوار 8484 رپيا آمدني تي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن اتي حڪمران طبقو ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن تي عيش عشرت ۾ مصروف آهي،اڳوڻي ڪاموري احمد نواز سکيرا لکيو ته ٽيڪس ڏيندڙن جا اربين رپيا هڙپ ٿي ويا،هاري تباهه ٿي ويا،ڪير ٿو پرواهه ڪري،احتساب جو نالو نشان ناهي،صحافي ۽ معاشي تجزيه نگارخرم حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکي ٿوجيڪڏهن اوهان اڄڪلهه پنهنجا خرچ پورا  ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رهيا آهيو ته اوهان اڪيلا ناهيو. هي نظام عوام کي غريب بڻائي رهيو آهي، جڏهن ته رياستي آفيسرن، سياستدانن ۽ سرمائي تي قبضو رکندڙ ارب پتي ماڻهن جي مفادن کي تحفظ ڏئي رهيو آهي. اصل ۾ هي نظام اهڙيءَ طرح ٺهيل ئي آهي،اينڪر منصور علي خان چيو ته نوازشريف خوش آهي ته ”اسان جي ڳالهه ٿي وئي آهي“اها ڳالهه ختم به ٿي سگهي ٿي،بيانيو توهان کان نٿو ٺهي،سيڙپڪاري نه پئي اچي،مقامي صنعتڪار ٻاهرين ملڪ ڀڄي رهيو آهي،ايس آءِ ايس ايف سي ناڪام آهي،ملڪ تباهه رهيو آهي،هن چيو ته مک ميڊيا تي ته پابنديون لڳل آهن پر سوشل ميڊيا تي حقيقتون سامهون اچي رهيون آهن،ٻن سالن ۾ وڏي تباهي آئي آهي،عدليه جو نظام ناڪاره ٿي چڪو آهي،اينڪر ڪامران خان چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ جي بدترين ٻاڙائي شهبازشريف جي ”ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي“ واري بيانيي جي به هوا ڪڍي آهي،معاشي ماهر اسد علي شاهه لکيو ته توانائي شعبو هر سال هڪ کرب رپين جو نقصان ڪري رهيو آهي،جي ڊي اي اڳواڻ سائره بانو مريم نواز جي جهاز خريداري تي تنقيد ڪندي لکيو ته 10 ارب رپيا ڪيتري وڏي رقم اهي،جيڪڏهن توهان روزانو گهر کان نڪري هڪ لک رپيا خرچ ڪريو تڏهن به توهان کي 11 ارب خرچ ڪرڻ ۾ 273 سال لڳندا،هن چيو ته غريب عوام بنيادي ضرورتن کان به محروم آهي،معاشي ماهر حفيظ پاشا چيو آهي ته گذريل سال صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري 25 سالن جي گهٽ ترين سطح تي هئي،45 سيڪڙو ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ اچي ويا آهن،اينڪر عامر متين چيو ته هن وقت ملڪ کي سياسي،معاشي ۽ سيڪيورٽي جا ٽي مسئلا آهن پر اسان جي حڪمرانن جي ترجيحن جو مرڪز رڳو اهو آهي ته پنهنجي سياسي مخالفن کي ڪيئن چيڀاٽڻو آهي،وزيراعظم روز ٻاهرين ملڪ دورن تي آهي پر ملڪ ۾ هڪ ڊالر به ناهي آيو،اينڪر ثمينا پاشا چيو ته معيشت هيٺ وڃي رهي آهي،ٽن سالن ۾ استحڪام نه آيو،سيڙپڪار نه پيا اچن،پارليامينٽ يرغمال بڻيل آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.