شِو پُراڻ هڪ قديم ۽ اهم گرنٿ آهي ، جنهن ۾ شِري شِو شنڪر ۽ پاربتي يا اُما ديوي جي جيون چرتر جو احوال وڏي وستار سان رچيل آهي. هن ۾ ڪُل هڪ سئو ڏهه اڌياءَ يا باب رچيل آهن ، جن کي شِري مَنگلا چَرڻ هڪجاءِ ڪري پاٺڪن اڳيان پيش ڪيو آهي. منهنجي اڀياس هيٺ آيل شِو پُراڻ شِري اَشوڪ گهنشامداس ڀاڳچنداڻي ”جَئه شِو شَڪتي پريس“ اُلهاس نگر منجهان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ۾ ڪُل ٽي سئو چار صفحا آهن ۽ هر هڪ اڌياءَ ۾ شِري برهما ، مُني نارد سان اِتهاس جي ڪا نه ڪا ڪٿا بيان ڪري رهيو آهي جنهن جو مقصد کيس ماضيءَ ۾ ٿيل ڳالهين ۽ واقعن بابت ڄاڻ ڏيڻ هوندو آهي ۽ ان سان گڏ برهما کيس انهن واقعن ۽ ڳالهين منجهان سبق حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ چوندو رهي ٿو. شِري برهما مطابق شِو شنڪر جي پيدائش وارو علائقو ڪاشيپور( هاڻوڪو هندستان) آهي ۽ هو سڀني ديوي ديوتائن کان شڪتي شالي آهي ، هو جنم ۽ مرتيو ، مايا ۽ پاپن ، اوچ ۽ نيچ ۽ ٻين سڀني ڪامنائن کان اٿاهون آهي ، جيڪي منش ۾ هونديون آهن. شِري برهما ، مُني نارد کي اهو به ٻُڌائي ٿو ته ؛ جڏهن سڀ کان پهريان سرشٽيءَ جو ڪوئي نالو نشان نه هو تڏهن فقط شِري سدا شِو شنڪر هو ! ۽ اهو ئي سڄي سرشٽيءَ جو مالڪ آهي ، هو سڀني کان وڏو آهي ۽ منش جي ڪرمن جو ڦل ڏيڻ وارو به اهو ئي آهي.
شِو شنڪر ڀَڳوان جي ملاقات رام ، سيتا ۽ لڪشمڻ سان ڏنڊڪ بن ۾ ٿئي ٿي جنهن جو ذڪر شِو پراڻ ۾ وڏي تفصيل سان ڏنل آهي . شِو شنڪر وٽ منش کي ٻيهر جيوت ڪرڻ جي شڪتي پڻ هئي ، جنهن جو مثال ڪامديو کي ٻيهر جيوت ڪرڻ واري واقعي ذريعي بيان ڪيو ويو آهي. شِو پُراڻ ۾ شِري شِو شنڪر جا اوڻويهه نالا ڄاڻايل آهن ؛ 1. شِو شنڪر 2. هري 3. مهيش 4. پرم ديو 5. جگديش 6. اُميش 7. ودروڌ 8. پرماتما 9. برهم 10. گريش 11. شَنڀُو 12. سدا شِو 13. پرميشور 14. پاربتيءَ جو پَتي 15. ترشول ڌاري 16. چَڪري 17. اِيشور 18. سُکداتا ۽ 19. ڀولي ناٿ.
شِو پُراڻ مطابق ؛ شِري وِشنو ۽ برهما ”شِو شنڪر“ جي ساڄي ۽ کاٻي ٻانهن منجهان پرگهٽ ٿيا آهن . اُما يا پاربتي ديوي منڌراچل پرديش تي وڏي تپسيا ڪئي هئي ، پر جڏهن هن هاٽ ڪيش بن ۾ سدا شِو مهراج جي من کي پراپت ڪرڻ لاءِ اُگرتپ ڪيو، تڏهن شِري سدا شِو شنڪر مهراج پاربتيءَ کي سُئيڪار ڪيو ۽ ساڻس وِنهانءُ ڪيو .
جيئن ته اهو شِو لوڪ جو پهريون وِنهانءُ هو ۽ ان کان پوءِ ئي ڏاج ڏانوڻ ۽ ٻين رسمن جو رواج پيو. ان کان پوءِ شِو ڀَڳوان ۽ پاربتي ديوي ڏهه هزار سالن تائين هماليا پربت تي رهيا. جڏهن پاربتي ديويءَ جو مرتيو ٿئي ٿو تڏهن شِو شنڪر ڪاوڙ ۽ ڏک منجهان پاربتيءَ جو مڙهه پنهنجن ڪلهن تي کڻي ( تانڊوَ ناچ) ڪري ٿو ۽ ديويءَ جا انگَ ؛ سُپتشنگهھ پربت ، ديوپور پربت ، اٽيالي ، جالندر پربت ۽ هنگلاج پربت ڪِرن ٿا .ان کان پوءِ پاربتي يا اُما ديويءَ جو ٻيو جنم مئناڪ پربت تي مينڪا ديويءَ جي ڳِرڀَ مان پرگهٽ ٿئي ٿو. ۽ هن جنم ۾ پاربتي ديوي ، شِو شنڪر لاءِ گوري شکر پربت تيرٿ اسٿان تي 64 وريهه تپسيا ڪري ٿي ۽ هڪ ڀيرو وري شِو ڀَڳوان ۽ اُما ديويءَ جو وِنهانءُ ٿئي ٿو ، ان کان پوءِ شِو مهراج الڪاپور نگريءَ جي ڀرسان ڪئلاش پربت تي پنهنجو اسٿان قائم ڪيو. شِو شنڪر کي مڃندڙن جو عقيدو آهي ته هو امر آهي ۽ پاربتي ديويءَ سان گڏ اڄ ڏينهن تائين ڪئلاش پربت تي رهي ٿو ۽ هميشه لاءِ رهندو.