آپا زبيده گھانگھرو: اُتساھ سان ڀريل مشعل جهڙو جيون

مشتاق ٽانوري

زبيده گهانگهرو جي ڪهاڻي ڪا عام عورت جي ڪهاڻي ناهي، بلڪه اها اهڙي مشعل آهي جيڪا طوفانن ۾ به نه وسامي. زبيده گهانگهرو سنڌ جي اُن گمنام سورمين مان هئي، جن جي زندگيون خاموش جدوجهدن جي تاريخ هونديون آهن، لفظن کان وڌيڪ عملن سان لکيل. اها عورت جنهن جي زندگي شاعريءَ جي مصرع به هئي ۽ اخبار جي سرخي به. هوءَ اهڙي شمع هئي، جيڪا طوفانن سان وڙهندي به ٻرندي رهي ۽ اهڙو وڻ هئي جنهن تي تڪليفن جا پٿر وسندا رهيا پر ڇانوَ ڏيڻ نه ڇڏيائين. ڪامريڊ محمد هاشم گھانگھري جي نياڻي کي ننڍي عمر ۾ ئي سياست ۽ جدوجهد جي موھ موهيو. رانديڪن سان کيڏڻ جي واري عُمر ۾ هُن زنجيرن سان کيڏڻ سکي ورتو. اهو دور ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو هو. ڀٽي دور جي سياسي ڌڌڪي ۾، جڏهن خوف جا پاڇا هر در تي بيٺل هئا، تڏهن فقط چوڏهن ورهين جي عمر ۾ هن محراب پور ۾ ڪاليج جي مطالبي لاءِ جلوس ۾ شرڪت ڪئي. اهو جلوس ڪو عام احتجاج نه هو، اهو ته نوجوان حوصلن جو اعلان هو. نتيجي ۾ کيس پنهنجي ننڍي ڀيڻ حميده گهانگهرو سان گڏ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. تڏهن هن جي ڄمار رڳو چوڏهن ورهيه هُئي.  جيل مان نڪري هوءَ خاموش نه ٿي نه ويٺي، پر جئين لُڪ لڳي تئين رُڪ ٿيا وانگر وڌيڪ مضبوط ٿي اڀري. هُن نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿي شاگرد سياست کي پنهنجو ميدان بڻايو. سندس لفظن ۾ باهه، سوچ ۾ روشني ۽ قدمن ۾ انقلاب هو. ان دور ۾ سندس امڙ زبيده جي شادي ڪرائي ڇڏي ۽ هُن ماءُ جي مرضي تي ڪنڌ جُھڪائي ڇڏيو، شادي بعد ڪجهه عرصو روايتن جي زنجيرن ۾ ٻڌجي وئي، پر سندس ذهن جو آسمان ايترو وسيع هو جو چار ديواريون کيس قيد نه ڪري سگهيون. پر پاڻيءَ جو وهڪرو آخر پنهنجو رستو ٺاهي ئي وٺندو آهي. سو هن به روايتن جي رسين کي ٽوڙي اسڪول ۾ نوڪري شروع ڪئي، جيئن گهر جي معاشي حالت سنڀالي سگهي ۽ پاڻ کي به زنده محسوس ڪري سگهي. هوءَ اسڪول ۾ استاد ٿي ۽ استاد بڻجي سماج جي ذهنن کي تراشڻ لڳي جئين ڪو مجسمي ساز پٿر مان فن پيدا ڪري. استاد بڻجڻ بعد سندس ڪردار اهڙو چمڪيو جيئن اوندهه ۾ ڏيئو. پرائمري استادن جي حقن جي محافظ تنظيم پ ٽ الف ۾ ۾ شامل ٿي استادن جي معاشي حقن ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين. ڀلي ڪهڙو به ڊنگ آفيسر ڇو نه هجي پر پنهنجي ساٿين جي لاءِ هوءَ  اُن سان جوش ۽ جذبي سان ڳالهائيندي هئي ۽ مسئلا حل ڪرائيندي هئي، ان سبب سدائين  سکر ۾ پرائمري توڙي ٻين استادن جي تنظيمن ۾ کيس وڏي احترام واري نگاھ سان ڏٺو ويندو هو. هوءَ رٽائرمينٽ تائين جدوجهد جي راهه تي هلندي رهي. آرام ته زبيده رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به نه ڪيو هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان ۾ سرپرست، قائم مقام چيئر پرسن ۽ سينيئر وائيس چيئرپرسن طور سماجي خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. سندس زندگيءَ جو هر ورق قربانيءَ جي خوشبوءَ سان ڀريل هو اهڙي خوشبو، جيڪا وقت جي هوا به مٽائي نٿي سگهي.

تقدير جو قلم ڪڏهن ڪڏهن بي رحم به ٿي پوندو آهي ۽ ان ئي بهادر آواز کي آخرڪار خاموش ڪري ڇڏيو. سکر جي ”رور سٽي اسپتال“ ۾  مبينا طور ڊاڪٽرن جي غفلت سبب 25 فيبروري 2026ع تي سندس حياتيءَ جو ڏيئو وسامي ويو. سندس ڀاءُ شاعت گھانگھرو ۽ نياڻين شهناز منگي، حميرا، شمائله ۽ سڳند جو چوڻ آهي ته  سندس ليپروسڪوپي آپريشن غلط ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. آپا زبيده گھانگھرو جهڙيون شخصيتون قومن جو سرمايو هونديون آهن جن جي وڃڻ سان صرف هڪ گهر نه، پر پورو سماج يتيم ٿي ويندو آهي.

زبيده گهانگهرو جي زندگي سيکاري ٿي ته حقيقي بهادري حق لاءِ بيهڻ ۾ آهي. هوءَ وئي ضرور، پر سندس جدوجهد جا نقش اهڙا آهن، جيئن پٿر تي لکيل لفظ جن کي وقت جا طوفان به مٽائي نٿا سگهن. سندس زندگيءَ جو خلاصو هڪ محاوري ۾ سمايل لڳي ٿو ته ”جنهن دل ۾ باهه هجي، تنهن کي رات جي اوندهه به رستو ڏيکاري ٿي“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.