ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي چيو آهي ته هلندڙ سال جي پهرين مڪمل چنڊ گرهڻ 3 مارچ تي ٿيندي.
موسميات کاتي موجب 3 مارچ تي سال جي پهرين مڪمل چنڊ گرهڻ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جزوي طور ڏٺي ويندي.
پاڪستان ۾ چنڊ گرهڻ جي شروعات منجهند هڪ لڳي 44 منٽن تي ٿيندي، 2 لڳي 50 منٽن تي چنڊ کي گرهڻ لڳڻ شروع ٿيندو، 4 لڳي 34 منٽن تي چنڊ گرهڻ عروج تي هوندي، 5 لڳي 3 منٽن تي ختم ٿيڻ شروع ٿيندي ۽ رات 7 لڳي 23 منٽن تي چنڊ گرهڻ مڪمل طور ختم ٿي ويندي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چنڊ گرهڻ ايشيا، آسٽريليا، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۽ ٻين حصن ۾ به نظر ايندي.
You might also like