آپريشن غضب لِلحق ۾ 274 افغان طالبان ماريا ويا، پاڪ فوج جا 12 جوان شهيد، ڊي جي آءِ ايس پي آر تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر ) جي ڊائريڪٽر جنرل، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پاڪستان جي آپريشن غضب لِلحق بابت بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته افغان طالبان رجيم ۽ دهشتگردن ۾ ڪو به فرق ناهي، دنيا سمجهي ٿي ته پاڪستان جو آپريشن غضب للحق عوام جي تحفظ لاءِ آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 21 ۽ 22 فيبروري واري رات پاڪستاني فوجن سرحد ويجهو فتنه الخوارج جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو، جنهن کي افغان طالبان رجيم بنياد بڻائي جڙتو ڪارروائي ڪئي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته طالبان رجيم طرفان پاڪ-افغان سرحد تي 15 سيڪٽرن ۾ 53 هنڌن تي فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن ته سمورن 53 هنڌن تي حملن کي ناڪام بڻايو ويو.
هن چيو ته پاڪستان اهڙو ڀرپور جواب ڏنو جو دنيا ڏٺو، سڀني 53 هنڌن تي دشمن کي منهن توڙ جواب ڏنو ويو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن غضب للحق ۾ 274 طالبان رجيم جا اهلڪار ۽ خوارج مارجي ويا، جڏهن ته 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
هن وڌيڪ چيو ته طالبان رجيم جون 74 کان وڌيڪ پوسٽون مڪمل طور تباهه ڪيون ويون، جڏهن ته 18 چوڪيون پاڪستان جي قبضي هيٺ آهن ۽ دشمن جا 115 ٽينڪ ۽ بڪتربند گاڏيون پڻ تباهه ڪيون ويون آهن.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري موجب، آپريشن دوران پاڪستاني فوج جا 12 جوان شهيد ۽ 27 زخمي ٿيا.
سندس چوڻ هو ته فتنه الهندستان ۽ فنته الخوارج جي 22 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ڪابل، پڪتيا ۽ قنڌار ۾ هدفن کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻايو ويو.
هن چيو ته ايبٽ آباد ۽ نوشهرا ۾ ڊرون حملن کي ناڪام بڻايو ويو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن جون پناهه گاهون ۽ هٿيارن جا ڊيپو تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته دهشتگرد پنهنجن ساٿين جا لاش ڇڏي ڀڄي ويا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ايئر فورس ڪابل ۾ انفنٽري برگيڊ هيڊڪوارٽر کي نشانو بڻايو، ڪابل جي فضا ۾ رات جو ٿيندڙ ڌماڪا سڄي دنيا ڏٺا، جڏهن ته قندار ۾ برگيڊ هيڊڪوارٽر تباهه ڪيو ويو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغان طالبان رجيم ۽ دهشتگردن ۾ ڪو فرق ناهي، دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستان جو آپريشن غضب لِلحق عوام جي تحفظ لاءِ آهي.
هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تحت آپريشن غضب لِلحق جاري آهي ۽ پنهنجي مقصدن جي پورائي تائين جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.