واشنگٽن/تهران (ويب ڊيسڪ) هڪ عرب سفير ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته ايران طرفان معاهدي جو تجويز ڪيل مسودو آمريڪا کي پيش ڪيو ويو آهي.
اسرائيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي عرب سفير جو چوڻ هو ته آمريڪا کي پيش ڪيل مسودي موجب ايران جوهري افزودگي 60 سيڪڙو مان گهٽائي 3.6 سيڪڙو تائين آڻي ڇڏيندو.
سفير موجب، ايران مستقبل ۾ جوهري افزودگي 7 سال لاءِ معطل رکڻ جي به آڇ ڪئي آهي.
ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آمريڪا في الحال ٻُڙي تائين جوهري افزودگي جو مطالبو ناهي ڪري رهيو، آمريڪا ايران جو موجوده جوهري ذخيرو ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر ايران ملڪ ۾ موجود افزودا يورينيم ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب، ايران افزودا يورينيم کي ڊائليوٽ ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي جڏهن ته آمريڪا ايراني جوهري پروگرام 10 سال تائين معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، ايراني آڇ آمريڪي مطالبن کي پورو ڪرڻ جو امڪان نٿي رکي.
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ويجهي عرصي ۾ ايران تي آمريڪي فوجي حملي جو امڪان ٻيهر وڌي ويو آهي.